ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ڀرسان مڙهه کڻي ويندڙ سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 1 ڄڻو فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. جھمپير ويجھو نوري آباد روڊ لڳ شفيع محمد موڙ وٽ ڳوٺ علو جاکرو جي ڳوٺاڻي پورهيت اڪبر جاکرو جي فوت ٿي ويل گھر واري جي مڙھ کي قبرستان سونڊا ۾ تدفين لاءِ کڻي ويندڙ سوزوڪي پڪ اپ روڊ جي تباھ حالي سبب ڊرائيور کان بي قابو ٿي اونڌي ٿي پئي نتيجي ۾ جنازي سان گڏ سوزوڪي پڪ ۾ سوار خدابخش جاکرو ، گلاب ، اسحاق ، علي خان ، پوڙهو ۽ سوزوڪي پڪ اپ ڊرائيور سڪڻو جاکرو سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڳوٺ گهنور خان جاکرو جي رهواسي زخمين کي سول اسپتال ٺٽو ۽ حيدرآباد علاج لاءِ اماڻيو ويو جڏهن ته جنازي کي ٻي گاڏي ذريعي سونڊا قبرستان پهچائي تدفين ڪئي وئي ، آخري اطلاعن تائين سخت زخمين ۾ شامل پوڙهو جاکروحيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ٽن زخمين يوسف ، گلاب ۽ اسحاق جاکرو  جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.