ٺٽو ( رپورٽر )  ٺٽي ويجھو برانچ موري لڳ لباڻا سمون ۽ خاصخيلي برادري وچ ۾ پلاٽ جي چئي ويندڙ مامري تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺين ۽  ڪهاڙين جي نتيجي ۾ لباڻا سمون برادري جا 5 ڄڻا نويد سمون ، شمون ، آصف ، مصطفيٰ سمون ۽ دلدار  سمون ۽  خاصخيلي برادري جي 4 ڄڻن يعقوب خاصخيلي ، شڪيل ، انيس ۽ نواز خاصخيلي سميت ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٺٽو پوليس جھيڙي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين جي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو آهي جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسلم گگو ٻڌايو آهي ته پلاٽ جي مامري تان ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ زخمين کي اسپتال جي علاج جو ليٽر جاري ڪري کين سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪري مامري جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.