ٺٽو(رپورٽر) چليا ويجھو هٿياربندن زائرين جي ڪوسٽر کي روڪي هٿيارن جي زور تي زائرين کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾  ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد جي موسيٰ ڳوٺ جا رهواسي زائرين ڪوسٽر ۾ سوار ٿي درگاھ کان واپس موٽي چليا ويجھو درگاھ قريشي پير تي وڃي رهيا هيا  ته رستي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي زائرين جي ڪوسٽر کي روڪي کانئن روڪ رقم ، قيمتي سامان ۽ موبائيلن فونن جي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.