ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ويجھو ٺٽو سجاول باءِ پاس وٽ بدين کان ڪراچي ويندڙ مسافر  وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 5 مسافر خوشحال ميگھوار ، عبدالمنان کوسو ، نواز کوسو ، منٺار چوهاڻ ۽ ميهار رٻاڙي زخمي ٿي پيا جڏهن اطلاع ملڻ تي ٺٽو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي مسافرن کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ٻئي پاسي ٺٽو پوليس واقعي واري هنڌ تان پڻ ٽرڪ ۽ مسافر وين تکي حويل ۾ وٺڻ سان گڏ ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن تي وين ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ٺٽو پوليس موجب سمورن زخمين جو تعلق بدين ۽ مٺي ضلعن سان آهي .