ٺٽي ويجهو ٻوڏ متاثرن جو امداد نه ملڻ خلاف ٺٽو-حيدرآباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو

0
205
ٺٽي ويجهو ٻوڏ متاثرن جو

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجهو ٻوڏ متاثرن جو امداد نه ملڻ خلاف ٺٽو، حيدرآباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون آھن

ان سلسلي ۾ مظاهرين جو چوڻ آهي ته ٻن مهينن کان برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، سرڪار يا انتظاميا ڪا به سار نه لڌي آهي

ٻوڏ ۽ برسات سبب تباھي آئي آھي، ڪنھن واھر ناھي ڪئي، ٽينٽ، راشن ۽ ٻي امداد ملڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو

جڏھن تھ ڌرڻي سبب بيهجي ويل گاڏين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا عذاب ۾ اچي ويا، انتظاميا ٻوڏ متاثرن سان ڳالھين لاءِ نھ پھتي، مسافرن جو چوڻ ھو تھ سڄي سنڌ ۾ برسات تباھي آندي آھي، حڪومت متاثرن جي واھر ڪري، ڌرڻي سبب پريشان آھيون

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ سبب ٻارڙن سميت وڌيڪ 10 ڄڻا فوت

شادي لارج ويجهو ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هزارين ماڻھن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري