ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ٺٽو- سجاول روڊ تي برانچ موري وٽ تيز رفتار سوزوڪي موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ سوزوڪي پڪ اپ ۽ موٽر سائيڪل سوار سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد سمورن زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، زخمين ۾ غلام قادر اوٺو، غلام رسول اوٺو، عبدالستار سومرو، آچار سومرو، ھارون سومرو، قادر سومرو ۽ ٻيا شامل آھن. جڏهن ته حادثي جي ٻن زخمين ستار ۽ قادر سومرو جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کين وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اسپتال موڪليو ويو آھي.