ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي شديد بحران سبب ضلعي جي چئن تعلقن جي 80 سيڪڙو ايڪڙ ايراضيءَ ۾ خريف جي فصلن جي پوکائي جي سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ، 10 لکن کان وڌيڪ انساني آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم ٿي وئي. ان ڏس ۾ روزاني “پنهنجي اخبار” جي گڏ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته 4 تعلقن ٺٽو، ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 32 تپن ۽ 274 ديهن تي مشتمل ضلعي ٺٽي اندر پاڻي بحران سبب سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. تعلقي ميرپور ساڪرو جي 12 تپن ۽ 90 ديهن کي پاڻي فراهميءَ جي اهم ذريعي ساڪرو برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب 80 سيڪڙو زرعي زمينون پاڻي کان وانجھيل هجڻ ڪري بنجر بڻيل آهن. ڏهن ته ٺٽي ضلعي جي باراني، بئراجي ۽ دريائي زميني حصن ۾ ورهايل 10 تپن ۽ 65 ديهن تي مشتمل تعلقي ٺٽي ۾ پڻ پاڻي جي شديد بحران ڪري 70 سيڪڙو زمينن تي زرعي فصلن جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي. معلوم ٿيو آهي ته پاڻي جي لاڳيتي کوٽ سبب هن مهل تائين خريف جي مند وارن فصلن جي پوکائي سخت متاثر ٿي آهي. ٻئي طرف 6 تپن ۽ 61 ديهن تي مشتمل تعلقي گھوڙاٻاري ۾ پڻ پاڻيءَ جي شديد بحران ڪري سموري تعلقي ۾ هلندڙ سال هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪريلو، ڀينڊي، تورين، مٽرن، واڱڻن، گوبي، ٽماٽي ۽ مرچ جا ربيع جي مند وارا فصل پڻ سوڪهڙي جي ور چڙهي ويا آهن. اهڙي ريت 4 تپن ۽ 58 ديهن تي مشتمل سامونڊي تعلقي ڪيٽي بندر ۾ پڻ سنڌوءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سمنڊ جي کاري پاڻي جي اڳتي وڌڻ ڪري 39 ديهن جي پاڻي هيٺ اچڻ سبب 19 ديهن جي زمينن ۾ پڻ هن سال جي خريف جي مند جا فصل سخت متاثر ٿيا آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر پاڻي جي مسلسل رهندڙ بحران ڪري ضلعي جي 10 لک جي لڳ ڀڳ انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پڻ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهي. معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر صرف هڪ ئي پرينل برانچ اڏيرو لال آهي، جنهن وسيلي ضلعي جي ٻن تعلقن گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر کي پاڻي مهيا ڪيا وڃي ٿو پر ان ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ سبب ان مان نڪرندڙ 21 کان مٿي واهن ، شاخن ۽ نالين ۾ پاڻي جي برقرار کوٽ سبب انساني آبادي توڙي چوپايو مال اڃ وگھي تڙپي رهيو آهي.