ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شهر ۾ پاڻي جي سنگين صورتحال باوجود شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ناهي ٿي سگھي شهرين پاران 59 هين ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽي آڏو ڪراچي ٺٽو قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي جي گھر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان موقعي تي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، لالا غفار ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، حافظ عباسي ، روپلو شيخ  ، عرفان ميرجت، سليم، تنيو ، علي احمد پنهور ۽ ٻين چيو آهي ته ٺٽي شهر ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ پاڻي نه هجڻ ڪري شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر ٺٽي ميونسپل انتظاميه پاران پاڻي جي فراهمي جي بحاليءَ لاءِ هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ويو هنن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي بندي هجڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هو شهر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي سبب ڪين ۽ ٽئنڪر مافيائن جي ور چڙهي ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته هنن پاران مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته فوري طور تي ٺٽي واسين کي ڪينجھر مان نڪرندڙ ڪي ڊي اي واھ مان پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي فراهمي جاري ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن هلندڙ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.