ٺٽي جي ڍنڍن کان رسي ويل پرديس پکي

0
166
ٺٽي جي ڍنڍن کان رسي ويل پرديس پکي

سڄي سنڌ جيان لاڙ وارو ضلعو ٺٽو به فطري لحاظ کان شاهوڪار رهيو آھي، قدرتي ۽ فطري ڍنڍن ڍورن ۾ سياري جي موسم ۾ پرڏيھه کان پناھ لاءِ اُڏري ايندڙ ناياب پکي هن علائقي جي فطرت کي وڌيڪ حَسين بڻائيندا رهيا آھن. اهو ئي سبب آھي جو ٺٽي جي مشھور ڍنڍ هاليجي کي جتي پکين جي فطري جنت سڏيو وڃي ٿو اُتي تاريخي ڍنڍ ڪينجهر  ھاليجي ۽ ھڏيرو ۾ به ماضي ۾ لکن جي تعداد ۾ سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان ايندڙ پکي خوبصورتي بخشيندا رهيا آھن.

                 پر عالمي توڙي ملڪ سطح تي ٿيندڙ موسمي ماحولياتي تبديلين سان گڏوگڏ ناياب پرديسي پکين جي غير قانوني طور تي وڏي پئماني تي ٿيندڙ نسل ڪشي سبب هن ڀيري ٺٽي جي ڍنڍن ۾ پکين جي آمد خطرناڪ حد تائين گھٽجي وئي آھي. ايستائين جو ڪينجهر، هاليجي ۽ ھڏيرو ڍنڍون هن وقت پکي نه هجڻ ڪري اداسي جو منظر پيش ڪري رهيون آھن، جنهن تي سڄاڻ ڌرين سميت وائلڊ لائيف کاتي جي اختيارين کي به ڳڻتي آھي.

جيتوڻيڪ ٺٽي جي انهن وڏين اهم ڍنڍن ۾ مهمان پکين جي نه اچڻ جا مختلف موسمي ماحولياتي سبب ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ گذريل زوردار برساتن سبب هر علائقي ۾ پاڻي ڦھليل هجڻ ڪري پکين جي ورهائجي مختلف ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ ڄاڻايو وڃي ٿو. ساڳئي وقت تي وائلڊ لائيف کاتي جي ڪجھه ماهرن موجب روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ھلندڙ جنگ سبب به سنڌ ڏانهن ايندڙ پکين جو رُوٽ متاثر ٿيو آھي ۽ انڊس فلائي زون روٽ ذريعي پکين جي آمد خطرناڪ حد تائين گھٽجي وئي آھي، پر موسمي ماحولياتي تبديلين سان گڏوگڏ پرديسي مهمان پکين جي وڏي پئماني تي ڍنڍن ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي به اهم ڪارڻ آھي.

ڪينجهر هاليجي توڙي هڏيرو ڍنڍن ۾ ايندڙ ناياب پرديسي مهمان پکين جي غيرقانوني شڪار هن وقت ڪاروباري صورت اختيار ڪري ورتو آھي، ٻيڙين ذريعي هٿيارن سان پکين جي شڪار کان علاوه هاڻي ته ڍنڍن اندر وڏا مخصوص ڄار لڳائي پکين جي ٻولي ۾ ٽيپ وڄائي دوکي ذريعي پکين کي پڪڙي انهن جا کنڀ توڙي کين بازارن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آھي، خاص طور تي ڪينجهر ڍنڍ اندر مختلف حصن ۾ ڄار لڳائي وڏي پئماني تي پکين جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي.

اهڙن ڄارن کي مقامي مارِي وانجھارا سڏين ٿا، جن ۾ رات جي وقت سَون ۽ ھزارن جي تعداد ۾ ايندڙ پکي ڦاسي پون ٿا. پکين جي تيزي سان نسل ڪشي سبب ٺٽي جون وڏيون ڍنڍون هن ڀيري پکين کان خالي نظر اچن ٿيون، جيڪا يقينن المناڪ صورتحال آھي.

ٺٽي جي مٺي نيري پاڻي جي ڍنڍ ڪينجهر توڙي هاليجي ۾ ماضي ۾ 2 سئو 22 پکين جا مختلف قسم ايندا هئا ۽ لکن جي تعداد ۾ پکين جي آمد توڙي ڍنڍن ۾ موجودگي هتان جي فطري حُسن کي نکيري ڇڏيندي هئ ۽ پکين جا ولر ڪي لهندا ته ڪي اُڏرندا پيا هوندا هئا. جنهن ڪري سياح پکين جو نظارو ڏسڻ لاءِ سياري ۾ ڍنڍن جو رخ ڪندا هئا پر پکين جي نسل ڪشي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب ٺٽي جي ڍنڍن کان رُسي وڃڻ سبب سياحن به اچڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ ٺٽي جي ڍنڍن ۾ پکين جي آمد نه هجڻ سبب فطري حُسن به موڪلائي ويو آھي.

عالمي سطح تي پکين جي شڪار کي روڪڻ لاءِ ٺھيل قانون تحت پاڪستان به پکين جي نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ پابند آھي ۽ ھاليجي ڍنڍ کي پکين جو آماجگاھ هجڻ سبب سينچري ۽ رامسر سائيٽ ڊڪليئر ڪيل آھي.

ساڳئي ريت ڪينجهر ۽ هڏيرو ڍنڍون به وائلڊ لائيف سينچري قرار ڏنل آھن. پر بدقسمتي سان انهن ڍنڍن ۾ پکين جي ٿيندڙ نسل ڪشي کي وائلڊ لائيف کاتي جي انتظاميه به روڪڻ ۾ ناڪام رهي آھي جنهن جو هڪ سبب وائلڊ لائيف جو عملو گھٽ ھجڻ، گهربل وسيلن جي اڻھوند ۽ پکين جي نسل ڪشي ۾ ملوث عنصرن کي گهربل سزا ڏيارڻ لاءِ موثر قانونسازي نه هجڻ آھي. ٻئي طرف هاليجي ڍنڍ کي وائلڊ لائيف پاران آبي ۽ جهنگلي جيوت لاءِ اهم مرڪز قرار ڏيڻ باوجود ڍنڍ ۾ موجود 2 سئو کان مٿي واڳون کاڌ خوراڪ نه ملڻ ڪري پنهنجي جياپي جي جنگ وڙھي رهيا آھن ۽ اڪثر واڳو هاليجي کان ٻاهر نڪري ماڻھن تي حملا ڪن ٿا. بُک ۾ پاھ ٿيل واڳن سميت هاليجي جي نرسري ۾ موجود مختلف جانورن جي واڌ ويجھه لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن ۽ هاليجي ڍنڍ جو پاڻي به گدلو هجڻ ڪري ان ۾ پکين ۽ واڳن لاءِ گاھ ۽ خوراڪ جا ذريعا به ختم ٿيڻ لڳا آھن.

اھڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي قدرتي ڍنڍن ۾ فطرت کي سونھن بخشيندڙ ناياب نسل جي پرديسي مهمان پکين جي آمد خطرناڪ حد تائين گھٽجي وڃڻ سبب ڪينجهر هاليجي ۽ ھڏيرو ڍنڍن جو فطري سونهن به سخت متاثر ٿيو آھي. موسمي ماحولياتي تبديلين سميت پکين جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي جو سلسلو جاري رهڻ ڪري مهمان ناياب پکين جو نسل سخت خطري هيٺ اچي ويو آھي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومتي اختيارين وائلڊ لائيف کاتي سميت لاڳاپيل ادارن کي ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ پکين جي نسل ڪشي کي روڪرائڻ سان گڏوگڏ مهمان پکين جي آمد گھٽجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ عالمي ماهرن جي مدد سان اسٽڊي ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ٺٽي جي ڍنڍن ۾ پکين جي آمد ۽ فطري سونهن کي ٻيهر بحال ڪرائي سگهجي.