ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ويجھو فقير جوڳوٺ بوائز هاءِ اسڪول جي عمارت مڪمل طور تي تباهي ڪنڌي تي پهچي وئي ، اسڪولي عمارت ۾ پيل هنڌان هنڌان ڏار توڙي روز جي ڪرندڙ چاپڙن سبب تعليم حاصل ڪندڙ سوين شاگردن ۽ استادن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي 5 نڪاتي پروگرام هيٺ ٺٽي تعلقي جي يونين ڪائونسل فقير جي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ڪيل بوائز هاءِ اسڪول فقير جو ڳوٺ جي عمارت جي جڙڻ کان وٺي هن مهل تائين تعليم کاتي پاران مرمت ناهي ڪرائي وئي جڏهن ته مرمت نه ٿيڻ ڪري سموري اسڪول جي عمارت مڪمل طور تي هنڌان هنڌان ڏار پوڻ توڙي اسڪول جي ڇت مان ڪرندڙ چاپڙن سبب تعليم حاصل ڪندڙ سوين شاگردن سان گڏ تدريسي عملي جي حياتين کي پڻ سخت خطرا لاحق ٿي ويا آهن ، 40 سالن کان اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪولي عمارت جي اڪثريتي ڪمرن جي صورتحال خراب هجڻ ڪري سموري هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي ٻن ڪمرن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جن ڪمرن جي پڻ زبون حالت آهي اسڪول جي استادن ذوالفقار هيلايو ، عليم الله عقيلي  ۽ ٻين استادن توڙي اسڪولي شاگردن چيو آهي ته گذريل ڪيترن سالن کان وٺي اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪرائي وئي ۽ لاڳاپيل تعليم کاتي سان گڏ ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي پڻ اسڪول جي زبون حالت بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي پر هن مهل تائين اسڪول جي مرت جو ڪو به ڪم ناهي شروع ڪيو ويو جڏهن ته اسڪولي عمارت جي ڪم نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي ڪمرن جي ڇت مان روزانو چاپڙن ڪرڻ سان گڏ اسڪولي عمارت جي ديوارن ۾ پڻ وڏا ڏار پئجي ويا آهن جنهنڪري اسڪول ۾ هلندڙ تدريسي عمل ڪنهن به خطري کان خالي ناهي هنن چيو ته وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ اسڪول جي عمارت ٺهيل آهي پر 40 سالن جي ڊگھي عرصي هوندي به اسڪولي عمارت جو ڪو به ڪم ناهي ڪرايو ويو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فقير جي ڳوٺ جي بوائز هاءِ اسڪول جي زبون حال عمارت جي فوري طور تي مرمت ڪرائي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سوين شاگردن جي تعليمي مستقبل کي بچايو وڃي .