ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ٺٽي جي عدالت پاران منشيات ڪيس ۾ 2 ڄڻن کي 10_10 سال ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو جي عدالت  ٻن بدنام منشات فروشن کي ڏھ ڏھ سال قيد ۽ ھڪ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻدائي ڇڏي ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو خالد حسين شاھاڻي جي عدالت ٻن منشات فروشن رمضان عرف رمون ميربحر ۽ عثمان ڪنڀار کي ڏھ ڏھ سال قيد ۽ ھڪ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻدائي ڇڏي ياد رهي ته ڪجهه سال اڳ ٻنھي منشات فروشن تي چرس ھلائڻ  جو ڪيس ميرپور ساڪرو  ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو.