ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ڊي سي غلام فاروق سومرو چيو آهي ته ٺٽي ضلعي مان منشيات جي مڪمل خاتمي تائين ڪريڪ ڊائون جاري رهندو ڇاڪاڻ جو منشيات کان پاڪ ماحول ئي صحتمند سماج لاءِ ضروري آهي سندس آفيس ۾ ٺٽي ۾ هلندڙ منشيات جي آپريشن بابت سڏايل گڏجاڻي ۾ ڏنل بريفينگ دوران هن چيو ته منشيات جي ڪري اسان جو نوجوان نسل بُري طرح متاثر ٿي رهيو آهي کين ان موذي مرض کان بچائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي هن چيو ته 2019ع واري ايڪٽ تحت سڄي سنڌ ۾ گٽڪا، ماوا، مين پُڙي ۽ ٻين نشي آور شين جي تياري، ذخيري، وڪري ۽ استعمال تي پابندي آهي، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.