گھوڙاٻاري/ڪيٽي بندر (نمائندن وٽان) برساتن سبب ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي وارن تعلقن گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي سوين ڳوٺن ۽ شھرن ڳاڙھو، ٻگھاڻ، ور، گيل موري، درويش، ٽائون ڪاميٽي ڳاڙهو بنيادي صحت مرڪز ڳاڙهو سميت مختلف پاڙن خليفه، ملاح پاڙي، خاصخيلي پاڙي، راڻا پاڙي، سما پاڙي، ڳوٺ طاھر بدين پوٽو ، دلمراد زنگياڻي، الھڏنو ملاح ، رسول بخش خشڪ ، صديق بدين پوٽو، ڳوٺ وڏيرو احمد شوروسميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،  جڏھن ته برساتي ۽ گندو پاڻي بيهڻ سبب علائقي ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، رهواسي مليريا، گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان  صحت مرڪز ور جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ ٻڌايو ته برسات بعد مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري مليريا جا ڪيس وڌڻ لڳا آھن، ھن وقت  روزاني جي بنياد تي 300 کان مٿي او پي ڊي ٿي وئي آھي،  ھوڏانھن انتظاميه طرفان  ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آهن، جنهن سبب ڳوٺن ۾ رهواسي بي يارو مددگار ويٺل آهن.