ٺٽو ( رپورٽر ) تعلقي گھوڙاٻاري، يوسي گليل جي ڳوٺ عرس سونپار جو 13 سالا اعجاز ولد محمد عارف سونپار گذريل 7 سالن کان وٺي بيماري ۾ وڪوڙجي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندو رھي ٿو پر سندس اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي ناھي لڌي، ان سلسلي ۾ بيماري جي بستري پيل معصوم ٻارڙي اعجاز سونپار جي پيء محمد عارف سونپار ٻڌايو تہ سندس پٽ گذريل 7 سالن کان ھڪ اھڙي بيماري ۾ وڪوڙجي بستري ڀيڙو ٿي ويو اھي، جنھن تي ھن وقت تائين 18 لک روپيہ خرچ ڪري چڪو آھيان، پر ھاڻي وڌيڪ علاج جي مون ۾ سگھ ناھي رھي، ھن چيو تہ جناح اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽرن کيس چيو آهي ته سندس پٽ کي ان بيماري جون ٽي انجيڪشنون لڳنديون،  جيڪا ھڪ انجيڪشن ھڪ لک روپين جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪا خريد ڪرڻ سندس وس کان ٻاھر آھي، محمد عارف سونپار ٻدايو ته ھو مزدور ماڻھون آھي،  مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪريان ٿو، مون پني سني گھر جا ٽپڙ وڪڻي ھن جي بيماري تي 18 لک خرچ ڪري چڪو آھيان، ھاڻي مون ۾ ايتري سگھ ناھي رھي جو وڌيڪ پٽ جو علاج جاري رکي سگھان جڏهن ته ھن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ گھر جي ڀاتين جو پيٽ پالڻ به وڏو مسئلو آهي، ھن گھوڙاباري تڪ تان چونڊيل پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ، سرڪار ۽ ٻين سرندي وارن کان سندس پٽ جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪندي سندس پٽ جي حياتي بچائڻ جي گھر ڪئي آھي.