ٺٽو : اليڪشن ڪميش ٺٽو ڊويزن جي اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمٰن آرائين چيو آهي ته ٺٽو ڊويزن جي ٽن ضلعن ٺٽو ، سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ صاف ۽ شفاف چونڊ لاءِ مقرر عملي جي تربيت جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي.   هوڏانهن اليڪشن ڪميش ٺٽي جي اليڪشن ڪمشنر عذارا مهيسر پاران پڻ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي عملي جي تربيت لاءِ مختلف کاتن جي 16 آفيسرن کي ماسٽر ٽرينر طور مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي ضلعي جي پرزائيڊينگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊينگ توڙي پولنگ آفيسرن کي پڻ تربيت ڏيندا هن چيو ته ٺٽي ۾ تربيتي عمل جي شروعات سان گڏ ضلعي جي مقرر پولنگ اسٽيشنن جا پڻ معائنا ڪري مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مقرر آر اوز دورا شروع ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته الڪيشن ڪميشن جو ازم آهي ته چونڊ آزاداڻي ، شفاف ٿئي ۽ ووٽر پنهنجو ووٽ جو حق آزاديءَ سان استعمال ڪري پنهنجي پسند جا نمائئندا چونڊي سگھن .