ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته سنڌ ۾ قيدين جي رش سبب 3 نوان جيل ٺاهيا پيا وڃن،  وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته جيلن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن. تعليم، صحت، سوشل ويلفيئر ۽ سول سوسائٽي جا ادارا جيلن ۾ سڌارن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته عدليه، سول سوسائٽي، تعليم ۽ صحت جي ماهر ۽ سرندي وارن تي ٻڌل نگران ڪاميٽيون  مختلف جيلن جا دورا ڪري انتظامي عمل جو جائزو وٺنديون آهن،  هن چيو ته سنڌ ۾ قيدين کي قانوني امداد به ڏني ويندي آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت 825 ملين رپيا ڏنا آهن، هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ 23 هزار قيدي آهن، هن وقت ٺٽي، شهيد بينظير آباد ۽ ملير ۾ نوان جيل ٺاهيا پيا وڃن. ٺٽي جي هاءِ سڪيورٽي جيل ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي رکيو ويندو.