ٺٽو_سجاول پل تان بجلي جا 35 ٿنڀا چوري: وڏي وزير نوٽيس ورتو: جاچ جو حڪم

0
418
بجلي جا 35 ٿنڀا چوري
ٺٽو_سجاول پل تان بجلي جا 35 ٿنڀا چوري: وڏي وزير نوٽيس ورتو: جاچ جو حڪم

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ويجھو سنڌ درياءَ مٿانهن اڏيل ٺٽو_ سجاول ضلعن کي ڳنڍيندڙ نئين پل جا 35 کان وڌيڪ بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون نامعلوم چور چوري ڪري ويا آهن،

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. رپورٽ موجب ٿر ڪول اٿارٽي پاران ٺٽي ويجھو سنڌو درياءَ مٿانهن 2  ارب ، 70 ڪروڙ رپين جي ڳري لاڳت سان تعمير ڪرايل هڪ ڪلوميٽر ڊگھي پل تي واسطيدار کاتي جي لاپرواهي توڙي ڳري ماليت واري هڪ ڪلوميٽر ڊگھي پل جي سار سنڀار لاءِ عملي جي مقرري نه هجڻ جو فائدو وٺندي  چور پل تي لڳل بجلي جي 80 ٿنڀن مان 35 بجلي جا ٿنڀا تارن سوڌو لاهي چوري ڪري ويا آهن، جڏهن ته چورن پاران پڻ وڌيڪ 36 بجلي جي پولن جا نٽ بلٽ ڪٽر جي مدد سان ڪٽي انهن بجلي وارن ٿنڀن کي لاهي پل سان گڏ رکي ڇڏيو آهي،

هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٿر ڪول اٿارٽي پاران تعمير ڪرايل پل تي هن مهل تائين لڳايل 80 ٿنڀن مان مورڳو پل تي 9 بجلي جا ٿنڀا لڳل آهن، جڏهن ته انهن جون به بجلي جون تارون نامعلوم چور ڪٽي چوري ڪري ويا آهن،

ٻئي پاسي ٺٽو سجاول ضلعن کي ڳنڍيندڙ هڪ ڪلوميٽر ڊگھي پل تي رات جو بجلي جي روشني نه هجڻ ڪري پل جو خوبصورت نظارو اونڌائي جي ور چڙهي ويو آهي.