ٺٽو؛ دردناڪ حادثو، رڪشا واهه ۾ ڪري پيو، هڪ لاش هٿ، باقين جي ڳولا جاري

0
295

ٺٽو/ گھارو(ن پ ا) هاليجي ويجهو چنگچي رڪشا ڪي ڊي اي واھ ۾ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا ٻڏي ويا، 9 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، هڪ نينگري پوجا ڌيءَ سيتارام جو لاش ڪڍيو ويو، ٻڏي ويل ٽن ٻارڙن جي ڳولا جاري آهي، رڪشا ۾ 13 ماڻهو سوار ھئا، جن مان 9 ڄڻن کي بچايو ويو، ھڪ لاش مليو، 3 ڄڻن جي ڳولا جاري آھي. ڪي ڊي اي واه ۾ ٻڏي ويل باگڙي برادري سان تعلق رکندڙ ملير منزل پمپ واسي ڪراچي جا ھئا جيڪي جنگشاھي ويجھو مائٽن ڏانهن وڃي رھيا ھيا. .