ٺٽو: ڊاڪٽر پاران مبينا غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر فوت، احتجاج

0
203
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ٺٽو(ن پ ا) ٺٽي جي علائقي ڇتوچنڊ ۾ خانگي ڊاڪٽر پاران مبينا طور تي غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب 13 ورھين جو نينگر شھزاد ولد غلام قادر جاڙو فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪندي ڪاروائي جي گھر ڪئي آهي.

نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته شهزاد کي بخار سبب خانگي ڊاڪٽر وٽ وٺي وياسين جتي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي، جنهن بعد نينگر کي سول اسپتال ٺٽو کڻي وياسين پر هو فوت ٿي ويو.