ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ موٽرسائيڪل، هڪ رپيٽر ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان خبر موجب گھارو پوليس جي هڪ اٽالي ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هڻي ٻاٻڙا روڊ تي سم نالي وٽ ڦر جي نيت سان بيٺل ٻن جوابدارن الهڏنو ولهاري ۽ غازي ولهاري کي گرفتار ڪري وٽانئن هڪ موٽر سائيڪل ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتي آهي. جڏهن ڌاٻيجي پوليس اطلاع ملڻ تي ريلوي پل ويجھو آچار سالار لنڪ روڊ تي ٽن جوابدارن گل محمد رند، عبدالقيوم کوکر ۽ شڪيل لاسيءَ کي گرفتار ڪري وٽانئن هڪ رپيٽر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري مٿن ڪيس پڻ داخل ڪري ڇڏيا آهن.