ٺٽو (اسپورٽس نيوز) ٺٽي ويجھو چليا ۾ شورا برادري جي معزز شانو شورو جي ياد ۾ جاري ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڀنڀرا اليون ۽ جاکرا اليون چليا جي ٽيمن وچ ۾ راند کيڏي وئي جنهن ۾ ڀنڀرا اليون جي ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 148 رنز ٺاهيون، ڀنڀرا اليون جي اوپنر رانديگر حضور بخش جاکرو 77 ۽ صديق ڀنڀرو 41 رنز ٺاهي نمايان رهيا، جڏھن ته مخالف ٽيم جاکرا اليون جي پوري ٽيم 84 رنز تي ڍير ٿي وئي،  جاکرا اليون جي عاشق جاکرو 30 رنز ٺاهي نمايان رهيو.