ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو لڳ درگاهه حضرت صوفي فقير علي احمد مسڻ سجاده نشين اول درگاهه مسڻ شريف جو ساليانو ستون ھڪ ڏينهن وارو عرس مبارڪ درگاهه مسڻ شريف ٺٽو تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، ان موقعي تي سنڌ جي ثقافتي ڀلن ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيا، جنھن ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين کان آيل ڀلن ڍڳن جي جوڙن حصو ورتو، جنھن ۾ صوفي علي دوست مسڻ جي ڍڳن جي جوڙي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏيڻ سان گڏ پھرين جوڙ ۾ وڏيرو نور محمد مينڌرو بدين، ٻئي جوڙ ۾ سليمان جت بدين، ٽئين جوڙ ۾ حنيف جت بدين، چوٿين جوڙ ۾ گھنور گابار ٺٽو، پنجين جوڙ ۾ ابي پٽيل ٿھيم جاتي ۽ ڇھين جوڙ ۾ پپو پنجابي ور شھر جي ڀلن ڍڳن ڪاميابيون ماڻيون، جن جي مالڪن کي اتي موجود ماڻھن انعامن سان گڏ خوب داد ڏنو.