ٺٽو: لاڪپ مان نوجوان جو لاش ھٿ اچڻ واري مامري تي ايڪشن، ايس ايڇ او لائين حاضر

0
233
لاڪپ مان نوجوان جو لاش ھٿ
ٺٽو: لاڪپ مان نوجوان جو لاش ھٿ اچڻ واري مامري تي ايڪشن، ايس ايڇ او لائين حاضر

ٺٽو(رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽو ٿاڻي جي لاڪ اپ مان نوجوان جو ٽنگيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي نوٽيس وٺي پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي

ايس ايس پي ٺٽو ٿاڻي جي ايس ايڇ او، اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل کي معطل ڪندي لائين حاضر ڪري ڇڏيو

وڏي وزير جَي خاص معاون رياض شاهه شيرازي سان ڳالهين بعد قومي شاهراهه تي لاش سوڌو لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي

نوجوان جي وارثن دانهيو آهي ته نور محمد ملاح کي تشدد ڪري ماريو ويو، هاڻي پوليس آپگهات جو ڊرامو ڪري رهي آهي

وارثن موجب نوجوان کي 3 ڏينهن اڳ زال تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، رات دير سان لاڪ اپ مان سندس ٽنگيل لاش هٿ آيو