ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو جي سول اسپتال جي گردن جي صفائي واري وارڊ ۾گھربل دوائن جي اڻاٺ خلاف مريضن ۽ انهن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال آڏو قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو. ڊائلاسز لاءِ آيل مختلف علائقن جھمپير، ميرپور ساڪرو ڇتوچنڊ  توڙي سامونڊي ڪوهستاني پٽي جي گردن جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۽ انهن جي وارثن محمد يوسف شورو، مير محمد، علي شير ھالو، مير حسن خشڪ، مير محمد جوکيو، مسمات ساھران ، اميد علي بروھي ۽ ٻين چيو ته اسپتال انتظاميه توڙي صحت کاتي ٺٽي جي لاپرواهي ڪري سول اسپتال ۾ هلندڙ ڊائلاسز يونٽ دوائن ۽ ٻين گردن جي صفائي وارين سهولتن جي عدم دستيابي آهي ۽ءٌ مريض پريشانين ۾ منهن ڏئي رهيا آهن. ڊائلاسز يونٽ ۾ گھربل سهولتن جي فقدان سبب روزانو 20 کان مٿي گردن جي صفائي لاءِ ايندڙ مريضن جي جانين کي سخت خطره لاحق ٿي ويا آهن. مريضن ۽ انهن جي وارثن چيو آهي ته گردن جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي هفتي ۾ 2 کان 3 دفعا ڊائلاسز مشين ذريعي صفائي جي ضرورت آهي پر سول اسپتال جي انتظاميه جي لاپرواهي ڪري گھربل دوائن ۽ بين سهولتن جي عدم دستيابي ڪري هو سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ مريضن کي ڳرن ڀاڙن سان گڏ ٻين پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي ٿ.و هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سول اسپتال ٺٽي جي گردن واري يونٽ ۾ ڊائلاسز جون گھربل سهولتون مهيا ڪري هتان جي مريضن جي زندگين کي بي موت مرڻ کان بچايو وڃي