ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سول اسپتال ٺٽو جو اڳوڻو سول سرجن ڊاڪٽر لال مير شاهه شيرازي 65 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي تڪليف سبب هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر لال مير شاهه کي دل ۾ تڪليف ٿيڻ سبب سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.  ٺٽي جو مشهور فزيشن ڊاڪٽر لال مير شاهه ڪراچي سول اسپتال ۾ سينيئر آر ايم او رهڻ سان گڏ سول اسپتال ٺٽو جو پڻ ڊگھي عرصي تائين سول سرجن رهيو هو اوچتي سندس وڇوڙي تي ٺٽي شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو جڏهن ته ڊاڪٽر لال مير شاھ جي جنازي نمازي شاهجھان مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد ان جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان درگاھ شاھ مراد شاھ شرازي مڪلي قبرستان ۾ مٽي ما۽ حوالي ڪيو ويو . واضع رهي ته ڊاڪٽر لال مير شاھ شيرازي جي پٽ ڊاڪٽر مير اصغر شاھ شيرازي جي 28 مئي آچر ڏهاڙي شادي رٿيل هئي، جنهن سلسلي ۾ سندس پٽ ڊاڪٽر مير اضعر شاُھ پڻ آمريڪا کان ڏيهه آيل هو ۽ ان جي رات مينڌيءَ جي رسمن هلڻ دوران ڊاڪٽر لال مير شاھ کي دل ۾ تڪيلف ٿي پئي جنهن ۾ هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر لال مير شاھ شيرازي جي وڇوڙي سبب گھر ۾ پٽ جي شادي جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون.