ٺٽو (اسپورٽس نيوز) ٺٽي ۾ انٽر اسڪول اسپورٽس فيسٽيول 2023ع جي سلسلي ۾ بوائز ٽيبل ٽينس جا جي فائنل ۾ گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول جي شاگرد ميدان ماري ورتو. جڏهن ته گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي جي شاگرد محمد حسن جٽ بوائز ٽيبل ٽينس جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾هلندڙ اسپورٽس فيسٽيول بوائز ٽيبل ٽينس جي پهرين سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گهارو کي 0 جي مقابلي ۾2 تان شڪست ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گلمنڊا کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. فائنل مقابلو گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو وچ ۾ ٿيو. فائنل ۾ گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي جي شاگرد محمد حسن جٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو جي شاگرد کي 0-2 تان هارائي ڇڏيو.