ٺٽو ( رپورٽر ) سي آئي اي پوليس ٺٽو آڪڙا پرچي جي دڪان تي ڪامياب ڇاپو ھڻي آڪڙا پرچي جو دڪان ھلائيندڙ چئن ڄڻن وقار احمد جاکرو، ظھير ڀٽ، اسماعيل ڏگھو ۽ عبدالباسط قاضي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان آڪڙا بڪ ۽ 15 سئو روپيہ ڪيش رقم هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي هي. جوابدار مٿان ٺٽي ٿاڻي تي جوا ايڪٽ تحت ايف آئي آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تہ پوليس ڇاپي دوران آڪڙا جو دڪان ھلائيندڙ اسد موقعي تان فرار ٿي ويو، جنھن جي پوليس پاران ڳولا ڪئي پئي وڃي.