ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽو ، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 3 ميونسپل ڪميٽي ، 20 ٽائون ڪميٽين ۽ 145يونين ڪائونسلن جي سيٽن سميت 870 سيٽن تي مڪاني چونڊ وڙهندڙ 450 اميدوارن جي فارمن جي رد ٿيڻ بعد 4570 اميدوارن وچ ۾ چونڊ مقابلي جو امڪان آهي . ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” جي گڏ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته چونڊ ڪميشن پاران 24 جولاءِ واري اعلانيل مڪاني چونڊ  جي سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي جي هڪ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو تي اميدوارن جي جمع ڪرايل 92 فارمن مان 10 فارمن جي رد ٿيڻ 82 ۽ 5 ٽائون ڪيميٽين ٽائون ڪميٽي مڪلي ، گھارو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي وارڊن جي سيٽن تي 203 اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن مان 47 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 156 اميدوارن وچ ۾ جڏهن ته ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن جي وارڊن جي ڪائونسلري لاءِ 492 اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن مان پڻ 43 فارمن جي  رد ٿيڻ بعد 449 جڏهن ته يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي سيٽن تي 213 جمع ڪيل فارمن مان 13 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 200 اميدوارن جي چونڊن فارمن جي بحالي بعد ضلعي ٺٽي جي هڪ ميونسپل ڪميٽي ، 5 ٽائون ڪميٽي ۽ 40 يونين ڪائونسلن جي سيٽن تي 1269 اميدوارن پاران جمع ڪرايل چونڊ فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ واري مرحلي ۾ 129 فارمن جي رد ٿيڻ بعد ضلعي جي جي ڪل 240 سيٽن تي 1140 اميدوارن جي فارمن جي بحال ٿيڻ ڪري چونڊ مقابلي جو امڪان آهي جڏهن ته سجاول ضلعي جي پڻ 5 ٽائون ڪميٽين سجاول ، چوهڙ جمالي ،جاتي ، بٺورو ۽ دڙو جي سيٽن تي 669 اميدوارن جي جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 90 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 579 اميدوارن ، 37 يونين ڪائونسلن جي چيئرمين ۽ وائيس چئيرمين جي سيٽن تي 178 اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن مان 14 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 167 اميدوارن جڏهن ته ضلعي جي ڪائونسل جي سيٽن تي پڻ 219 اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن 19 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 195 اميدوارن جي چونڊ فارمن جي بحالي بعد ضلعي سجاول جي 5 ٽائون ڪميٽين ۽ 37 يونين ڪائونسل جي  سيٽن تي 1061 اميدوارن پاران جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 123 فارمن جي رد ٿيڻ بعد ضلعي سجاول جي ڪل 222 سيٽن تي 938 ، اميدوارن جي چونڊ فارمن جي بحال ٿيڻ ڪري چونڊ مقابلا متوقع آهن جڏهن ته جڏهن ته چونڊ ڪميشن ٺٽي ڊويزن جي ضلعي بدين جي پڻ 2 موينسپل ڪميٽين جي سيٽن تي پڻ 277 اميدوارن جي جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 22 فارمن جي رد بعد 255 اميدوارن جي فارمن جي بحال ٿيڻ سان گڏ 10 ٽائون ڪميٽي جي سيٽن تي 511 اميدوارن جي جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 67 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 444 اميدوارن ۽ ضلعي بدين جي ئي 68 يونين ڪائونسلن جي پڻ چيئرمين ۽ پوائيس چيئرمينن جي سيٽن تي 373 اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن مان 28 فارمن جي رد ٿيڻ ڪري 345 اميدوارن ، ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن جي وارڊن جي ڪائونسلري جي سيٽن تي 1067 اميدوارن جي جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 64 فارمن جي رد ٿيڻ ڪري 1003 اميدوارن جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي پڻ 462 ، اميدوارن جي جمع ڪرايل فارمن مان 17 فارمن جي رد ٿيڻ بعد 445 ، اميدوارن جي فارمن جي بحال ٿيڻ ڪري ضلعي بدين جي ٻن 2 ميونسپل ڪميٽين ، 10 ٽائون ڪميٽين ۽ 68 يونين ڪائونسلن جي سيٽن تي 2690 ، اميدوارن پاران جمع ڪرايل چونڊ فارمن مان 198 فارمن جي رد ٿيڻ کانپوءِ ضلعي بدين جي ڪل 408 سيٽن تي 2492 ، اميدوارن وچ ۾ چونڊ مقابلا متوقع آهن