ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 3 ميونسپل ڪاميٽين، 20 ٽائونز ۽ 145 يوسيز لاءِ 4988 اميدوار ميدان تي لٿل

0
289

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽو ، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 3 ميونسپل ڪاميٽين ، 20 ٽائون ڪاميٽين جي 147 وارڊن سان گڏ 145 يونين ڪائونسلن جي جنرل سيٽن ، چيئرمين ، وائيس چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي 4988 اميدوارن پاران مڪاني چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن . ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار ” جي گڏ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته چونڊ ڪميشن جي مڪاني چونڊ واري اعلانيل ٻئي مرحلي ۾ 24 جولاءِ 2022 تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ ٺٽي ضلعي جي هڪ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي 9 وارڊن تي چونڊ وڙهڻ لاءِ 90 اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته ضلعي جي 5 ٽائون ڪاميٽين مڪلي جي 7 وارڊن تي 56 ، ٽائون ڪاميٽي گھارو جي 8 وارڊن تي 88 ، ٽائون ڪاميٽي ساڪرو جي 3 وارڊن تي 31 ، ٽائون ڪاميٽي گھوڙاٻاري جي 2 وارڊن تي 17 ۽ ٽائون ڪاميٽي ڳاڙهو جي 3 وارڊن تي 21 ۽ ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن جي جنرل سيٽن تي 836 ، ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي 266 ۽ يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي سيٽن تي 202 اميدوارن سميت 1302 اميدوارن پاران چونڊ فارم جمع ڪرايا ويا آهن

اهو به معلوم ٿيو آهي ته سجاول ضلعي جي 5 ٽائون ڪميٽي ، ٽائون ڪاميٽي سجاول جي 11 وارڊن ، ٽائون ڪميٽي بٺورو جي 4 وارڊن ، ٽائون ڪميٽي دڙو جي 5 وارڊن ، ٽائون ڪميٽي جاتي جي 4 وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽي چوهڙ جمالي جي 7 وارڊن ۽ ضلعي جي 37 يونين ڪائونسلن جي جنرل سيٽن تي 660 ، ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي 170 ۽ يونين ڪائونسل جي چيئرمين۽ وائيس چيئرمينن جي سيٽن 179 اميدوارن سميت 1005 ، اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن

ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته  بدين ضلعي جي پڻ ميونسپل ڪميٽي بدين جي 14 وارڊن تي 150 ، ميونسپل ڪميٽي ماتلي جي 12 وارڊن تي 127 ۽ ضلعي بدين جي 10 ٽائون ڪميٽين ، ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ جي 4 وارڊن تي 40 ، ٽائون ڪميٽي نندو جي 2 وارڊن تي 17 ، ٽائون ڪيمٽي ڪڙيو گھنور جي 6 وارڊن تي 37 ، ٽائون ڪميٽي راڄو خاناڻي جي 4 وارڊن تي 29 ، ٽائون ڪميٽي تلهار جي 11 وارڊن تي 104 ، ٽائون ڪميٽي ٽنڊو غلام علي جي 10 وارڊن تي 11 ، ٽائون ڪميٽي ٽنڊو باگو جي 9 وارڊن تي 88 ، ٽائون ڪميٽي پنگريو جي 3 وارڊن تي 28 ، ٽائون ڪميٽي کوسڪي جي 9 وارڊن تي 69 ۽ ٽائون ڪميٽي شهيد فاضل راهو جي 6 وارڊن تي 88 ۽ ض،عي بدين جي 68 يونين ڪائونسلن جي جنرل سيٽن تي 1833 ، ضلعي ڪائونسلن جي سيٽن تي 481 ۽ يونين ڪائونسلن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي سيٽن تي 367 سميت 2681 ميدوارن سوڌو ٽنهي ضلعن ٺٽو ، سجاول ۽ بدين 3 ميونسپل ڪميٽين ، 20 ٽائون ڪميٽين ۽ 145 يونين ڪائونسلن جي سيٽن تي مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ 4958 اميدوارن پاران چونڊ فارم جمع ڪيا ويا آهن

هوڏانهن چونڊ ڪميشن پاران پڻ جمعي ڏينهن کان اميدوارن جي جمع ڪرايل چونڊ فارمن جي چڪاس جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي