خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ضلعي ۾ بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڊگري ڪاليج ٺيڙهيءَ ۾ چوريءَ جي پنجين واردات، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، استاد ۽ شاگرد رستن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو، ٺيڙھي پل روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ، ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڊگري ڪاليج ٺيڙهيءَ مان هڪ ٻئي پٺيان چوريءَ جي پنجن واقعن ۽ بدامنيءَ خلاف ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن پاران ٺيڙھي پل روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب سکر- خيرپور ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. مظاهرين امداد علي ڪٽوھر، ابراھيم کرل، حسن علي کوسو، دوست محمد راڄپر ۽ ٻين دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته ٺيڙهي شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي. ڊگري ڪاليج مان 5 ڀيرا چوري ٿي چڪي آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. ڪاليج ۾ چورين سبب خوف واري صورتحال پکڙيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بدامنيءَ کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. هوڏانهن ڌرڻي دوران ايس ايچ او شاھ حسين ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي ٻن ڏينهن اندر چوريون واپس ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.