سکر (بيورو رپورٽ) ٺيڙھي جي رھواسين قتل ٿي ويل صاحب اوڏ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اِن موقعي تي ديدار اوڏ، رام چند، رميش ڪمار ۽ ٻين دانھيندي الزام مڙھيو ته ٺيڙھي پوليس صاحب ڏنو ولد واڌو مل 5 سيپٽمبر تي هوٽل تان کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جنھن جي ڪافي ڳولھا باوجود پتو نه پيو، ھڪ ڏينهن خيرپور جي شاھ حسين جي پوليس ٻڌايو ته خيرپور اسپتال ۾ صاحب ڏنو جو لاش پيل آھي، اھڙي اطلاع تي پھتاسون، جنھن بعد پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش اسان جي حوالي ڪيو ويو. ھنن وڌيڪ الزام مڙھيو ته صاحب ڏنو مٿان وحشياڻو تشدد ٿيل ھو، پوليس وٽ دانھيو آھي ته سنڱاوتي تڪرار تان اسان جي ماڻھوءَ کي پوليس معرفت کنڀي کڻي مخالفن بي رحمي سان قتل ڪيو آھي، پر اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ناھي. ھن وقت تائين خيرپور پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  واقعي جو ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.