خيرپور (رپورٽر) ٺيڙهيءَ ڀرسان پورهيت جي ڪکائين گهر تي مبينا پوليس چڙهائي، ڦرلٽ بعد ٻن ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، وارث عورتن جو احتجاج. خبر موجب ٺيڙهي ڀرسان سم نالي شاخ ذوالفقار آباد ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت محمد علي شيخ جي ڪکائين گهر تي پوليس اهلڪارن ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن چڙهائي ڪري در ٽوڙي گهر ۾ ستل عورتن ۽ مردن تي تشدد بعد گهر ڌڻي محمد علي شيخ ۽ سندس ڀاءُ زاهد علي شيخ کي کنڀي ويا. پوليس جي اهڙي عمل خلاف گهر ڀاتين مسمات گلشاد زال محمد علي شيخ ٻارن سان گڏجي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس ڏير زاهد حسين شيخ جي زال م سويرا کي بااثر جوابدارن باندي بڻائي گم ڪري ڇڏيو آهي ،جنهن جي بازيابي لاءِ زاهد شيخ عدالت سان رجوع ڪيو آهي. هن الزام مڙهيو ته ڪنب پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ کانئن رشوت وٺي جوابدارن کي ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي. ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن آءِ جي  سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کنڀل نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.