ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ بلدياتي اليڪشن سرگرميون, ڇنڊ ڇاڻ ۾ 6 چئرمين، وائيس چئرمين ۽ هڪ ضلعي ڪائونسلر، ميونسپل جي وارڊن ۾ 2  ۽ جنرل ڪائونسلر جي 5 اميدوارن جا فارم رد، 2 ٽائون ڪاميٽين جا 2 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، ان ڏس ۾ مڪاني چونڊ  جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جي پهرين ڏينهن يوسي بهادرپور 42 جي هڪ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ۽ 3 چيئرمين  ۽ وائيس چئرمين، 5 جنرل ڪائونسلر تي ميمبرن جا فارم رد ڪيا ويا، جڏهن ته مختلف يونين ڪائونسلن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا 14، ضلعي ڪائونسلن تي 17، جنرل ڪائونسلر تي 39 ڄڻن جي ميمبرن جا فارم بحال ڪيا ويا، ميونسپل ڪاميٽي ٺل جي 10 وارڊن مان 21 ڄڻن جا فارم بحال ۽ 2 رد ڪيا ويا، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي سهراب آباد تي هڪ جنرل ڪائونسلر وحيد مراد سرڪي بنا مقابلي چونڊجي ويا ۽ ٽائون ڪاميٽي ميرپورٻرڙو تي هڪ جنرل ڪائونسلر تي فضل بهادر سومرو بنا مقابلي چونڊجي ويا، جڏهن ته 17 ٽائون ڪاميٽي ميرپورٻرڙو ۽ سهراب آباد جي اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا،  ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو اڄ به جاري رهندو.