ٺل (ن پ ا ) جمعيت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران ٻوڏ متاثرن جا فنڊ ھڙپ ڪرڻ ۽ اٽو مقرر اگهه تي نه ملڻ خلاف جي يو آءِ جيڪب آباد جي ضلعي امير  ڊاڪٽر اي جي انصاري، مسائل ڪميٽي جي چيئرمين قاري عنايت الله مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه معارف القرآن کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اين جي اوز وارا انتظاميه سان ملي ڀگت ڪري ٻوڏ متاثرن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آهن. هنن چيو ته ٻاھرين ملڪن کان آيل سامان به پنھنجن ۾ ورهايو ويو آهي. سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تي اٽو نه ملڻ تي محسوس ٿئي ٿو ته انتظاميا ستل آهي. انهن مطالبو ڪيو ته برساتي ٻوڏ ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي تحقيقات کان پوءِ ملوثن کي سزا، مھنگائي ۽ اٽي جي مقرر ڪيل اگھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ملوثن کي سزا، مھنگائي ۽ اٽي جي مقرر ڪيل اگھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.