ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ايس ٽي پي پاران قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ عبدالرزاق لاشاري، آدرش سنڌي، اصغر لاشاري ۽ جاويد ساگر بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي قبائلي تڪرار ڪرايا پيا وڃن، جن جو مقصد سنڌين کي پاڻ ۾ ورهائڻ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ ويجهو 9 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.