ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل جي ڳوٺ علي شير سهندڙو ۾ سهندڙا برادري جي ٻن ڌرين شاهنواز ۽ مير محمد ۾2001ع ۾ چوري مامري تان شروع ٿيل تڪرار تان جو نبيرو شڪارپور ۾ جهانگير بنگلاڻي جي سرپئچي ۾ ٿيو، اشفاق کوسو، عبدالغني ۽ وزير لاشاري مشير طور شريڪ ٿيا، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد شاهنواز سهندڙو جي ڌر مٿان مير محمد سهندڙو جي ٻن ڀائرن الهي بخش ۽ منظور خون ثابت ٿيڻ تي مٿس 2 ڪروڙ 50 لک ڏنڊ رکيو ويو، شاهنواز سهندڙو جي ڌر موقعي تي 20 لک ادا ۽ پنج لک معاف ڪيا ويا، بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جرڳي جي امينن پاران هر قتل جي بها 15 ،15 لک رکي وئي ۽ جهيڙي ۾ ٿيل نقصان، ناجائزين جو مجموعي طور ٽوٽل ڏنڊ 2 ڪروڙ 50 لک مقرر ڪيو ويو، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. سرپئنچ جهانگير بنگلاڻي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سهندڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻن جي قتل جو جرڳو ڪيو آهي، باقي جهيڙي ۾ قتل ٿيل محمد اسماعيل پهوڙ جو نبيرو رهيل آهي.