ٺل (ن پ ا) ٺل جي پراڻي سوئي گيس آفيس آڏو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري منير سرڪي جو لاش 8 ڪلاڪ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، عورتون مڙهه ڳوٺ محمد خان سرڪي کڻائي ويا، جتي تدفين ڪئي وئي. ايس ايچ او اي سيڪشن جي فرياد تي مقتول منير سرڪي، شفيع محمد سرڪي ۽ ٻن نامعلومن تي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو ته پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري منير سرڪي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. ياد رهي ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو هو.