ٺل ۽ ڪراچي ۾ روڊ حادثا، نينگر سوڌو 2 ڄڻا فوت

0
183
مورو ويجھو روڊ

ٺل/ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺل ۽ ڪراچي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٺل ڀرسان روجهاڻ مزاري وٽ مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان نادر نوناري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڪرونڊي واسي نينگر 12ورهين جو مظفر پٽ محمد خان هيسباڻي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻي منتقل ڪيو ويو، نينگر پورٽ قاسم ۾ نوڪري ڪندڙ پيءُ سان ملڻ لاءِ ڪراچي ويل هو جيڪو حادثي جو شڪار ٿي ويو.