ٺل (ن پ ا) ٺل تعلقي ۾ ارڙي تي ڪنٽرول نه ٿيو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، گهرن ۾ ڪهرام، صحت کاتو خاموش. خبر موجب ارڙي جي وبا تيزي سان ڦهلجي وئي آهي، جنهن ۾ ڳوٺ دوست محمد سرڪي ۾ 8 مهينن جي صوفيه ڌيءَ محمد حيات سرڪي ۽ 17 مهينن جو انيس الرحمان پٽ نظر محمد سرڪي فوت ٿي ويا، ٻنهي ٻارڙن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، جن جي علاج لاءِ صحت کاتي هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن.