ٺل (ن پ ا) جي يو آءِ پاران مغوين جي بازيابي لاءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، ضلعي سالار مير حسن ٻرڙو، مسائل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين مولانا تاج محمد ڀٽي، ھيومن رائيٽس جي خالد محمود ڪٽبار، وارثن مولانا عبدالرحمان کوسو، حافظ ارشاد کوسو، محمد حنيف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو. .ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حافظ سراج احمد کوسو ۽ عبدالسميع کوسو جي اغوا کي ھڪ مھينو ٿي ويو آهي. ڌاڙيلن 10 لک ڀنگ گھريو آھي.  جڏھن ته ٻنھي مغوين کي زنجيرن ۾جڪڙي تشدد ڪندي ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪئي آهي.  جنھن ۾ انھن تي ٽارچر ڪندي روئيندي ۽ دانھون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي،اعلي عملدارن ۽ علامه راشد محمود سومري کي اپيل آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي.ٺل جي بلوچ ڪالوني واسي ٽن دوستن خان محمد جمالي،عبدالرشيد جمالي ۽ اصغر ڀنگر به اڃا بازياب ناهن ٿيا.