ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايچ او بي سيڪشن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ حبيب ٻرڙو مان مهينو اڳ عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيل نوجوان علي نواز ٻرڙو کي جمال ڍورو واري علائقي مان مقابلي دوران بازياب ڪرايو آهي. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو هو، وارثن کان 25 لک ڀنگ طلب ڪيو هو.