ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر بنگلاڻي ۾ مريد بنگلاڻي جي گهر کي باهه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوابان خاتون، عبدالجبار، عبدالرزاق بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته رات دير سان گهر تي ڪاهه ڪري  پئٽرول هاري باه ڏني وئي، گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، پوليس مدد نه ٿي ڪري، هنن مطالبو ڪيوته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.