ٺل ويجھو ڪارنھن تڪرار تان نوجوان قتل

0
198
ميهڙ: مامي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن نوجوان ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار
ميهڙ: مامي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن نوجوان ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

ٺل (رپورٽر) ٺل ويجھو ڪارنھن تڪرار تان نوجوان قتل ٿي ويو، ٺل ويجهو ڪارنهن تڪرار تان گولي لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو

ڳوٺ جمعو ڊکڻ واسي سائينداد بنگلاڻي کي لاڙڪاڻي جي اسپتال  منتقل ڪيو ويو، جتي ھُن دم ڏئي ڇڏيو

ٻڌايو پيو وڃي تھ نوجوان کي ڪارنھن تڪرار تان گولي ھنئي وئي، جنھن بعد ھو زخمن جا سور نھ سھندي فوت ٿي ويو آھي

ٻئي پاسي ٺل ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل کٿابي نينگر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ احتجاج ڪيو ويو، ٺل ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل  کٿابي نينگر جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ ريلي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مقتول نينگر جي وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ريلي ڪڍي  احتجاج ڪيو ويو، ڇتي نعريبازي ڪئي وئي

وارثن موجب نينگر مظفر سومرو کي بدفعلي  بعد قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس  گرفتار نٿي ڪري

ھي به پڙھندا

بخشاپور: مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڌرڻو