ٺل (ن پ ا) ٺل واسي مغوي مهراڻ نوناري بازياب نه ٿيو، ڌاڙيلن جو وارثن سان فون تي رابطو، 20 لک ڀنگ طلب، خبر موجب  تنگواڻي مان 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ وارثڏنو نوناري واسي مغوي مهراڻ نوناري اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن مغوي جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري 20 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، مغوي وارثن سان روئيندي ڳالهائيندي چيو ته مون تي تشدد ڪن ٿا، 20 لک ڀنگ ڏئي جان ڇڏائي وڃي، هوڏانهن وارثن چيو ته غريب آهيون، کائڻ لاءِ به ڪجهه ناهي، 20 لک ڀنگ ڪٿان آڻيون، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.