ميرپورٻرڙو/ ٺل (نمائندن وٽان) 12 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل مارواڙي ناري اسلام قبول ڪري نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي، عدالت کيس مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ناري جي گهر تي حملي جو 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل. خبر موجب مبينا اغوا ڄاڻايل مارواڙي ناري ڪليمه کي ميرپور ٻرڙو پوليس سخت پهري هيٺ ٺل جي سول عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري عدالت کي ٻڌايو ته هن اسلام قبول ڪري ورتو آهي، سندس اسلامي نالو عائشه رکيو ويو آهي، ناري ٻڌايو ته هن کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، هن نوجوان احسان ٻرڙو سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، ناري جي بيان بعد عدالت کيس مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت ناري کي پنهنجي والدين سان ملاقات پڻ ڪرائي وئي، جنهن دوران ناري پنهنجي مائٽن ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي عدالت ٻاهران ٻرڙا برادري توڙي اقليتي برادري جا ڪيترا ئي ماڻهو ۽ مختلف مذهبي ڌرين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا، بيان بعد ناري کي پوليس جي نگراني ۾ سهري سان گڏ روانو ڪيو ويو. هوڏانهن ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي ناري جي گھر مٿان حملو ڪندڙ خلاف ناري جي چاچي ميگلو مل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ پڪڙيل رحيمداد ٻرڙو، جاويد ٻرڙو ۽ ياسين ٻرڙو سميت 4 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.