ٺل (ن پ ا) ٺل جي محمد ميان سومرو ڪالوني مان  پنج مهينا اڳ ناري صنم نوناري اغوا مامري تان الهيار نوناري ۽ گهنور بنگلاڻي ۾ هلندڙ تڪرار جونبيرو ڳڙهي حسن سرڪي ۾ ذوالفقار سرڪي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، سڪندر شاهه ۽ وزير لاشاري مشير طور شريڪ ٿيا، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ناري کي اغوا ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي گهنور بنگلاڻي ڌر مٿان 30 لک ڏنڊ رکيو ويو، جهولي جهلڻ تي الهيار نوناري جي ڌر پاران پنج لک معاف ڪيا ويا ۽ هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو ويو ۽ بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، نبيري کي ٻنهي ڌرين قبول ڪندي کير کنڊ ٿي ويا. ياد رهي رهي ته پنج مهينا اڳ ٺل جي محمد ميان سومرو ڪالوني مان نوجوان ناري صنم نوناري کي گهران اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي واقعي جو ڪيس به اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.