ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل تعلقي جي 23 يوسيز جي ڳوٺن ۾ قائم پرائمري، مڊل ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.ٺل تعلقي جي 489 سرڪاري اسڪول برساتي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا، جنهن ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب 454 مان 201 پرائمري اسڪول مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته 24 مڊل اسڪول ڊهي پيا، 3هائير سيڪنڊري اسڪول، 8 هاءِ اسڪول مڪمل طور ڊهي پيا، 225 پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جو چوديواريون ڊهي پيون آهن، اڪثر اسڪولن ۾ 174 برسات متاثر خاندان ترسيل آهن،  اسڪولن جو عمارتون مڪمل طور تي ڊهڻ ڪري هزارين ٻارڙن جي تعليم به متاثر ٿي آهي، تعليم کاتي پاران اعليٰ اختيارين سيڪريٽري، ڊائريڪٽر، ڊي اي او سميت ٻين عملدارن ڏانهن متاثر ۽ ڊهي پيل اسڪولن جي عمارتن بابت ليٽر لکي ڇڏيا آهن. ان حوالي ٽي اي او پرائمري محمد ايوب سرڪي ٻڌايو ته برساتي ٻوڏ ۾ اسڪول ڊهي پيا آهن، مهينو گذرڻ باوجود به تعلقي انتظاميه اسڪولن، صحت مرڪزن توڙي سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري هزارين ماڻهو برساتي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل آهن.