ٺري ميرواھ/ پيروسڻ (نمائندن وٽان) ٺري ميرواھ جي علائقي ڇتن شاھ بخاري لڳ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ بعد ميرواھ ڪئنال ۾ ٻڏي ويل موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ سجاول لاشاري واسڻ شھناز لاشاري جو پندرهيو واھ ريگيوليٽر مان لاش هٿ اچي ويو. ڳوٺاڻن مقامي ٽوٻن ذريعي پنهنجي مدد پاڻ تحت 12 ڪلاڪ گذرڻ بعد لاش هٿ ڪري ورتو عورت جو لاش اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته معصوم ٻارڙي جي لاش جي ڳولا جاري آھي. ياد رهي ته گذريل رات موٽرسائيڪل جي ٽائر ۾ پوتي ڦاسڻ ڪري ڪاشف لاشاري پنهنجي گهرواري شھناز لاشاري ۽ معصوم ڌيءُ زيبل سميت ميرواھ ڪئنال ۾ ڪري پيو هيو جڏھن ته پاڻ معجزاڻي طور بچي ويو هيو جڏھن ته سندس گهرواري ۽ ڌيءُ ميرواھ ڪئنال ۾ ٻڏي ويون هيون جڏھن ته ٻارڙي جو لاش هٿ نه اچي سگهيو هيو.