ٺري ميرواھ (رپورٽ: محمد علي شر) ٺري مير واهه شھر ۾ جوڳي برادريءَ جي ڌرين ۾ اليڪشن ڏهاڙي ٿيل جهيڙي بعد تڪرار تيز، ٺري شھر جنگ جو ميدان بڻجي ويو، شديد فائرنگ،  گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 13 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي،  ماڻھن ۾َ ڀاڄ، شھر بند ٿي ويو. ايس ايس پي خيرپور پوليس اٽالا ساڻ ڪري پهچي ويو، جهيڙيندڙ ڌرين جا 10ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب بلدياتي چونڊن ڏھاڙي ٺري ميرواھ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 2 عورتن جي پولنگ اسٽيشن علي داد جوڳي ۾ آزاد اميدوار روشن الدين جوڳي ۽ پ پ اميدوار ريحان جوڳي جي ووٽرن وچ ۾ ٿيل جهيڙي بعد جوڳي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو. گذريل رات آزاد اميدوار جي حامين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميرواھ پل لڳ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ شھر بند ٿي ويو. جڏھن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ ۽ جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري   ٻنهي ڌرين جا عدنان جوڳي، ڪمال الدين، عرفان جوڳي، سلطان جوڳي، ممتاز، عابد، سرفراز، ارشدجوڳي، ڪامران جوڳي، واٽهڙو معروف انصاري سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي علاج لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال آندو ويو. اهڙي اطلاع بعد ٻنهي ڌرين جي وڌيڪ ماڻھن پهچي شھر ۾ ٻيهر فائرنگ ڪري ڏني. اهڙي اطلاع بعد ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال پوليس اٽالا ساڻ ڪري پهچي ويو. ان دوران پوليس ڌرين جي  10 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي اهڙي واقعي خلاف پ پ سان تعلق رکندڙ آزاد اميدوار روشن الدين جوڳي جي ڌر جي حامين پ پ ميرواھ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ظھير جوڳي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته ٺري ميرواھ ۾ ٽن ڏينهن کان ٿيندڙ دھشتگردي جو ذميوار تڪ جو ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ آھي، جنهن جوڳي برادريءَ ۾ تڪرار کي ڄاڻي واڻي وڌايو آھي. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جا ووٽر آھيون ۽ رهنداسين. هوڏانهن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.