ٺري ميرواھ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: گهر پٽ پئجي ويا، مسجدن ۾اذانون ۽ خصوصي دعائون

0
294
ٺري ميرواھ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: گهر پٽ پئجي ويا، مسجدن ۾اذانون ۽ خصوصي دعائون
ٺري ميرواھ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: گهر پٽ پئجي ويا، مسجدن ۾اذانون ۽ خصوصي دعائون

ٺري ميرواھ / ڪرونڊي (نمائندن وٽان) ٺري ميرواھ تعلقي ۾ 10 ڪلاڪن تائين لڳاتار جاري رهندڙ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، اڪثر ڳوٺ مڪمل طور پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

علائقي واسين جو شهرن سان رابطو ڪٽيل، برسات دوران 37 کان وڌيڪ گهرن جون ڇتيون ڪري پيون، شھر مان پاڻي نيڪال ڪندڙ ڊرينيج سسٽم ئي برساتي پاڻي ۾  ٻُڏي ويو. ٺري ميرواهه ۽ ڪرونڊيءَ ۾ متاثرن پاران برسات بند ٿيڻ لاءِ اذانون ڏنيون ويون

تفصيل موجب ٺري ميرواھ تعلقي ۾ 10 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي. ٺري ميرواھ جي ڳوٺ پناھ علي شر ۾ ڳوٺاڻي نظر شر ۽ خان محمد، ڳوٺ کبڙ جوڳيءَ ۾ تراب علي، هدايت، ابرار جوڳي ، ڳوٺ پير ڪلو ۾ علم الدين ۽ شير علي جوڳي جي گهرن جون ڇتيون ڌماڪي سان ڊهي پيون

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ ٻارن سوڌو 15 ڄڻا اجل جو شڪار

مسلسل برسات سبب ٺري ميرواھ  شھر مان پاڻي نيڪال ڪندڙ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڊرينيج سسٽم جا جنريٽر پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب تعلقي  اسپتال، نيباهو شاھ پاڙي، ميرس ڪالوني، پنجتن محلي ،نادرا آفيس،گرلس ۽ بوائز هاء اسڪول، مختيارڪار ۽ اي سي آفيس ۾ ٻن کان ٽي فٽ پاڻي بيهجي ويو. جڏھن ته ڳوٺ عبدالستار شر، ننڍي ٺري، کبڙ جوڳي، پير ڪلو جوڳي، ڳوٺ پناھ علي شر، رسولپور، هنڊياري، ڏاتو دستي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٽن کان چئن فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي

هوڏانهن ٺري مير واهه ۽ ڪرونڊي جي مسجدن ۾ اذانون ڏئي ۽ پاڪ ڪتاب کڻي برسات بند ٿيڻ لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. هوڏانهن ڪرونڊي، حسين پاتو، بصيرو، سانجهاهو، محمد شاهه، گوندائي پاتو، حاڪم علي رتڙ، حبيب الله چانگ، حفيظ  پاتو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 15 ڪلاڪن تائين مسلسل زوردار برسات سبب 30 کان وڌيڪ گهر ڪِرڻ جا اطلاع آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته لڳاتار برساتن سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ لڳاتار گجگوڙ سان جاري برسات شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا